اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هو سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت سان گهڻ رخيون ڳالهيون ڪندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته هو ڀائيچاري ۽ دوستي جي رشتن جي تجديد ۽ ورجاءُ ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي دوري تي وڃي رهيو آهي. سعودي قيادت کان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندس، هن چي?? ته سعودي عرب اسان جي عظيم دوستن مان هڪ آهي ۽ خادم حرمين ??ريفين ??و اسان جي دلين ۾ هڪ خاص مقام آهي.