اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري کي ڪويت جي پرڏيهي ??زير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي ??زارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي ??زارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي سلسلي ۾ ڪويت ۾ رهندڙ آهي ۽ هو ٻنهي ??لڪن جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان ڪويت سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لا??ِ پرعزم آهيون.