اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪس??ان جي آئين تحت اسپيڪر جي رولنگ ڪنهن فورم تي چئلينج نٿي ڪري سگهجي، اسان چُونڊُون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، صدر عمران خان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کان عبوري حڪومت جي لاءِ نالا طلب ڪيا آهن. ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان پاڪس??ان ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي، پي ٽي آءِ مڊل ڪلاس طبقي جي پارٽي آهي، پاڪس??ان جي عوام عمران خان سان محبت ڪري ٿي، هن چيو ته اسان هڪ خودمختيار قوم ۽ ملڪ آهيون، هن چو ته پاڪس??ان ۾ عمران خان کي سازش تحت بي اعتمادي رٿ جي ذريعي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ??ئي?? هن چيو ته عمران خان هڪ دفعو ٻيهر ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري واپس ايندو، هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي غير م??بوليت جي ڪري چونڊن کان ڀڄي رهي آهي.