اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي ت??قياتي بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ملاقات ڪئ?? جيڪو اسلامي ت??اون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي اسلامي ت??قياتي بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي ۽ قابل اعتماد حصيداري، تو??نا??ي، ??اليات، مواصلات، تعليم ۽ صحت جهڙن مختلف شعبن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، هن ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري لاءِ پاڪستان سان تعاون کي به ساراهيو. ويڪسين کانسواءِ رهجي ويندڙ آبادي ت??ئين پهچ لاءِ قومي ويڪسينيشن مهم ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو، ڊاڪٽر الجاسر وزيراعظم کي اسلامي ت??قياتي بئنڪ جي پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، جنهن ۾ افغانستان هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ شامل آهي جيڪو افغان عوام جي انساني ۽ معاشي امادد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2019ع کي اسلام آباد ۾ منعقد اسلامي ت??اون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اسلامي ت??قياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تعاون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آهي.