اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت مشڪل فيصلا ڪري م??يشت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، پي ٽي آءِ حڪومت سدائين انصاف ۽ قانون جي بالادستي ۽ غريب جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي، اسان جي دور ۾ رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو جنهن کي عوامي ڀلائي تي ئي خرچ ڪيو ويو، هن قومي اسيمبلي ??يمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي م??حرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن قومي اسيمبلي ??يمبرن سان ملاقاتن ۾ ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ??يمبر لال چند، شهنيلا روٿ، جئه پرڪاش، جمشيد ٿامس، چوڌري م??مد عدنان، اعجاز خان جازي، صاحبزاده صبغت الله، محبوب شاهه، محمد بشير خان، جنيد اڪبر، صالح محمد، مجاهد علي، ملڪ انور تاج، ناصر خان موسيٰ زئي، شهريار آفريدي، ملڪ فخر زمان خان، خرم شهزاد، راحت امان الله ??ٽي، ملڪ ڪرامت علي، راءِ محمد مرتضيٰ اقبال، ظهور حسين قريشي ۽ سيفران وارو وزير صاحبزاده محبوب سلطان شامل هو. قومي اسيمبلي ??يمبرن وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو ا??ها?? ڪيو. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ سياسي م??املا غور هيٺ آيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت جو اندازو تازن جلسن ۾ عوام جي وڏي انگ ۾ شموليت مان لڳائي سگهجي ٿو، پي ٽي آءِ حڪومت سدائين انصاف ۽ قانون جي بالادستي ۽ غريب جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل فيصلا ڪري م??يشت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، غريب طبقي کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاڻ وڏي سبسڊي برداشت ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي دور ۾ رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو جنهن کي عوامي ڀلائي تي ئي خرچ ڪيو ويو، سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي آندي وئي ته جيئن اهو ئي پئسو ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪورونا وبا عالمي م??يشت کي نقصان پهچايو جڏهن ته اسان جي حڪومت جي پاليسين کي ساراهيو ويو، زراعت، تعميرات، وڏين صنعتن، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ تاريخي اضافو اسان جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو. وزيراعظم چيو ته قومي صحت ڪارڊ، ڪامياب پاڪستان پروگرام، احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام، آبادگار ڪارڊ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ حڪومت جا انقل??بي قدم آهن. هن چيو ته حڪومت سمورا فيصلا ملڪ جي بهتري ۽ عوام جي ڀلائي کي نظر ۾ رکي ڪندي آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي ??يمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي م??حرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.