ملتان – 07 جن??ري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ح??ومت لاءِ هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي جنهن جي تدارڪ لاءِ وزيراعظم عمران خان احساس ڪفالت پروگرام جو آغاز ڪيو آهي ان پروگرام تحت احساس راشن رعايت منصوبي جو به بنياد رکيو ويو آهي، حڪومت ڏکڻ پنجاب ۾ احساس محرومي جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻندي ميگا ??را??يڪٽس جو بنياد رکيو آهي جنهن ۾ نشتر ٽو ۽ سب سيڪريٽريٽ ??را??يڪٽ به شامل آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ ڪمشنر آفيس ۾ اسيمبلي ميمبرن ۽ ضلعي کاتن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪمشنر ڊاڪٽر ارشاد احمد، ڊپٽي ڪمشنر عامر ڪر??م خان، اسيمبلي ميمبرن ملڪ عامر ڊوگر، ابراهيم خان، جاويد اختر انصاري، انفارميشن بابت خاص مددگار نديم قريشي، سليم لابر، سبين گل، ايم اين اي احمد حسن ڊيهڙ، واصف مظهر ران، وسيم خان بادوئي، ميان طارق عبدالله، ظهير الدين عليزئي به شريڪ هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ح??ومت جي ساک جي بهتري لاءِ کاتا وڌيڪ منفرد قدم متعارف ڪرائين ته جيئن عوام کي رليف فراهم ڪر?? سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب جي ترقي تي حڪومت جو خصوصي فوڪس آهي ۽ ان سلسلي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ اربين روپين جي منصوبن جو بنياد رکيو ويو آهي. حڪومت نشتر ٽو ۽ سب سيڪريٽريٽ جا ميگا ??را??يڪٽس ڏنا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته ح??ومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي جنهن جي اثرن کان عوام کي بچائڻ لاءِ احساس راشن ۽ احساس سبسڊي پروگرام جو به آغاز ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته عوام کي سڌو سنئون رليف ڏيڻ لاءِ بنا فرق جي صحت ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو آهي، صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج بنا معاوضي فراهم ڪيو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته 3 ڪر??ڙ 80 لک کان وڌيڪ خاندان احساس ڪفالت پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڪر?? چڪا آهيون جڏهن ته 80 لک خاندانن کي 12 هزار روپيا ماهوار امداد ڏني پئي وڃي. ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احساس ڪفالت پروگرام عوام کي رليف ڏيڻ جو انقلابي منصوبو آهي احساس پروگرام تحت تعليمي وظيفا، راشن رعايت منصوبو به جاري آهي. احساس راشن پروگرام تحت خصوصي سبسڊي به ملندي جڏهن ته 2 ڪر??ڙ خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ مقصد آهي. ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته دڪاندارن کي سمورين ضر??ري کاڌي پيتي جي شين جي وڪري تي 8 سيڪڙو ڪميشن ملندي.