اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي ??چ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعا??ن جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ برطانيه ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستانين جو ڪردار خصوصي اهميت رکندڙ آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان برطانيه سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پاڪستان ۽ برطانيه جي ??چ ۾ ٻرطرفي لاڳاپن جي ??روغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعا??ن جي خاطري ڪرائي.