اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي، 57 مسلمان م??ڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي گڏيل قومن جي قراردادن م??جب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هن او آءِ س?? پ??ڏيهي وزيرن وا??ي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل ملائيشيا جي پنهنجي هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڪئي جنهن وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ??ور??ن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان م??ائيشيا سان اقتصادي، واپاري، دفاعي، تعليمي، سياحتي ۽ سائنسي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان عالمي فورمن ت?? پ??ڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ موقف ۾ هڪ جهڙائي خوش آئنده آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ لاءِ سفر?? پ??بندين تي نظرثاني جي ضرورت تي زور ڏنو. ملائيشيا ج?? پ??ڏيهي وزير سيف الدين عبدالله شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني ت?? پ??ڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.