اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، معاشي ترقي جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن ??کر?? جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ جي مجموعي ??عاشي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير عمر ايوب خان، توانائي واري وف??قي وزير محمد حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار واري وف??قي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين، قومي غذائي تحفظ واري وف??قي وزير سيد فخر امام، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وف??قي وزير اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي معاشي ٽيم پاران عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ وڌندڙ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي بريفنگ ني وئي جڏهن ته کيس ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان مو??عي تي چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثالي قدم کنيا، ڪورونا وائرس جي وبا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ انتهائي تيزي سان اضافي جي باوجود حڪومت قيمتن کي گه?? رکڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ترقي جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن ??کر?? جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان ڏنل آهي. هن معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.