اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عز?? جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان سمورن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ عالمي برادري ۽ سمورين ??فغان ڌرين ??ان گڏجي ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ ٿيو جيڪو افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ طلب ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ سينيئر ڪابينا ميمبرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان جي پاڪستان ۽ خطي تي ممڪن اثرن تي بريفنگ ڏني وئي. خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. قومي سلامتي ڪميٽي نوٽ ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل جاري تڪرارن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي تنهن ڪري هو خطي ۾ امن ۽ استحڪا?? جو خواهشمند آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته عالمي برادري پاڪستان جي چار ڏهاڪن کان ڏني ويندڙ قربانين ??و اعتراف ڪري. شرڪت ڪندڙن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان افغانستان ۾ سمورن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به ورجايو ويو ته پاڪستان عالمي برادري ۽ سمورين ??فغان ڌرين ??ان گڏجي ٺوس سياسي حل ۾ سهولت جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته افغانستان ۾ عدم مداخلت جي ??صول تي سختي سان قائم رهڻ گهرجي. ڪميٽي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هيستائين ??شدد جي ڪنهن وڏي واقعي کي ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ افغانستان ۾ سمورين ڌرين ??ي زور ڏنو ويو ته قانون جي ??ملداري جو احترام ڪيو وڃي، سمورن افغانين ??ي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪ?? به دهشتگرد تنظيم يا گروهه افغان سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي ??لاف استعمال نه ڪ??ي سگهي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته افغانستان مان نڪرڻ جي ??واهشمند سمورن پاڪستانين، سفارتڪارن، صحافين ۽ عالمي تنظيمن کي واپس آڻڻ جي لاءِ سمورين ممڪن سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ رياستي مشينري جي ??اري ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي پاڪستان جي موقف کي ورجايو ته افغانستان ۾ تڪرار جو ڪڏهن به ڪو فوجي ??ل نه هو، تڪرار کي ڳالهين ??ريعي ختم ڪرڻ جو بهترين وقت اهو ٿي سگهيو پئي جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج ڀرپور عسڪري طاقت سان افغانستان ۾ موجود هئي. افغانستان ۾ پرڏيهي ??وج جي وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين موجودگي سان به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرن ها تنهن ڪري بائيڊن انتظاميا پاران فوج جي واپسي جي ??والي سان گذريل آمريڪي انتظاميا جي فيصلي جي ??وثيق حقيقت ۾ ان تڪرار جو منطقي حل آهي. ڪميٽي چيو ته عالمي برادري جي لاءِ هي ??قت آهي ته اها افغانستان ۾ پائيدار امن، سيڪيورٽي ۽ افغانستان ۽ خطي جي ??رقي جي ٺوس سياسي حل کي يقيني بڻائڻ جي ??والي سان گڏجي ڪم ڪري.