اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي، پاڪستان سي پيڪ کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر ان مان خوش نه آهن پر اهي پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سف??ر نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين گڏيل مف??دن لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ چين حقيقي دوست آ??ن ۽ هر قسم جي حالتن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته پاڪستان چين جي قومي مف??د ۾ بنيادي معاملن ”ون چائنا پاليسي“ تائيوان، تبت، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت ڪري ٿو. صدر پاڪستان جي بنيادي قومي مف??د جي معاملن، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، ا??ن ايس جي ۽ ايف اي ٽي ايف تي چين جي حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان پاڪ –چ??ن اقتصادي لنگهه منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر سي پيڪ منصوبي مان خوش نه آهن، سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪ – چ??ن اقتصادي لنگهه جا مخالف عنصر ڪامياب نه ٿيندا. صدر داسو ۾ فوت ٿيندڙ ??ين?? شهرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ ??ين?? شهرين جي حفاظت پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت پاڪستان ۾ ??ين?? شهرين جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. ??ين?? سف??ر نونگ رونگ چيو ته پاڪستان چين جو ويجهو دوست آ??ي، چين ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته چين جا تجربا پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان موقعي تي ??ين?? سفير صدر کي ٻڌايو ته چين پاڪستان کي هن هفتي ويڪسين جون 60 لک خوراڪ فراهم ڪندو، سال جي آخر تائين 10 ڪروڙ ويڪسين جون خوراڪ پاڪستان کي فراهم ڪيون وينديون.