اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته افغان مسئل?? جي سياسي حل جي ضرورت آهي، رشين فيڊريشن سان واپار، ريلوي، هوابازي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جا خواهشمند آهيون. پاڪستان جي دوري تي آيل روسي فيڊريشن جي پرڏيهي ??زي?? سرگئي لاروف ??زي??اعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ روس ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??زي??اعظم جون ۾ بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اج??اس جي موقعي تي صدر والادي مير پوٽن سان پنهنجي ملاقات جو ذڪرو ڪيو، جتي هن ٻه طرفي لاڳاپن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃڻ جي خواهش تي زور ڏنو هو. ??زي??اعظم هڪ اهم پرڏيهي پاليس?? جي ترجيح جي طور تي روس سان پنهنجي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻه طرفي لاڳاپن ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جنهن ۾ واپار، توانائي، سلامتي ۽ دفاع ۾ گِهرو تعاون شامل آهي. ??زي??اعظم ”پاڪستان اسٽريم“ (اتر ڏکڻ) گئس پائيپ لائين منصوب?? جي لاءِ گهربل قانوني عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ ۽ جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ توانائي، صنعتي جدت، ريلوي ۽ هواباز?? جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هن سال جي آخر ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) ان ڏس ۾ مخصوص تجويزن ۽ منصوبن کي پيش ڪندي، ڪووڊ – 19 وبائي مرض جي ذريعي درپيش صحت ۽ معاشي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ??زي??اعظم روس کي ڪورونا ويڪسين ٺاهڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان جي منصوبن تي زور ڏنو، ??زي??اعظم افغان تڪرار جو ڳالهين سان سياسي حل جي اهميت تي زر ڏنو، ماسڪو ۾ تازي اج??اس جي ميزبان?? جي ذريعي پاڪستان افغان امن عمل کي فروغ ڏيڻ ۾ روس جي ڪوششن کي ساراهيو.