اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر سينيٽ جي پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرا لڳائڻ جو ڊرامو ر??ايو آهي، جن واردات ڪئي اهي پاڻ ئي واردات واري جاءِ تي پهچي ويا، مخالف ڌر کي اهڙو ڊرامو ڪندي شرم اچڻ گهرجي، پئسي جو استعمال، ڌمڪي ۽ ڌانڌلي مخالف ڌر جو مشغلو رهيو آهي، اسان ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ جي واقعي جي تهه تائين وينداسين، ذميدارن کي بي نقاب ڪيو ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي ڪرپٽ ٽولي کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان پهرين ڏينهن کان شفافيت ۽ شو آف هينڊز جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي، جنهن جي لاءِ اسان عملي طور تي پارل??ام??نٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ وياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارل??ام??نٽ هائوس ۾ پريس بريفنگ روم ۾ سينيٽر فيصل جاويد سا?? گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽ جي نون چو??ڊيل ميمبرن جي حلف برداري کان اڳ مخالف ڌر جي ڪڌي سازش بي نقاب ٿي وئي آهي، انهن ماڻهن پاڻ واردات ڪئي ۽ پاڻ ئي واردات واري جاءِ تي پهتا، اهي اهڙي طرح جي ڪاررواين جا ماسٽر مائينڊ آهن، اسان ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ جي واقعي جي تهه تائين وينداسين ۽ ذميدارن کي بي نقاب ڪيو ويندو، هن چيو ته اهي ماڻهن کي ووٽ رد ڪرڻ کان وٺي ووٽ چوري ڪرڻ تائين جو طريقو ٻڌائيندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جي اڪثريت هئي، اقليت ۾ هوندي به انهن جو اميدوار ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ اهي ماڻهو گذريل رات به مصروف عمل رهيا. هن چيو ته اسان پارل??ام??نٽ ۾ به شفاف اليڪشن ۽ شو آف هينڊ لاءِ وياسين پر انهن ان جي مخالفت ڪئي ۽ اڄ به اسان انهن کي چئلينج ڪريون ٿا ته شو آف هينڊ تي اچن پر اهي ڳجهي راءِ شماري جي ذريعي ڌمڪي ۽ ڌانڌلي ڪرڻ جا قائل آهن. اڄ انهن پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرائن جي پاڻ ئي نشاندهي ڪندي ڊرامو ر??ايو اسان ان واقعي جي جاچ ڪرائينداسين ۽ ان جي تهه تائين وينداسين.