اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جو تعاون لازمي آهي، آبادي جي ڀلائي ?? صحتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنج?? ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس پشاور ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر کي صوبي ۾ آبادي جي ڀلائي ۽ مائرن جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جو تعاون لازمي آهي، وڌندڙ آبادي معيشت، ماحوليات، صحت، تعليم ۽ سمورن شهرين جي زندگي جي معيار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آبادي جي ڀلائي ?? صحتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنج?? ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آبادي جي ڀلائي جي فروغ لاءِ وقت سر قانونسازي لازمي آهي.