اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سياسي بدمعاشن کي ملڪ جي تشخص کي بري طرح مجروح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪنهن نرمي جو مظاهرو ڪيو ??يندو، هي اهي ماڻهو آهن جن سياست کي ذاتي مفادن جو محور بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي ذاتي مفادن بدران قومي مفادن تي سياست ٿيندي، پي ڊي ايم جي ليڊرن جو بيانيو ??لڪ جي مفاد ۾ نه آهي، ڀارت پاڪست??ن تي حملو ڪيو ته نه رڳو ان کي شڪست ڏني پر ان جو ثبوت اڀي نندن جي شڪل ۾ پور?? دنيا آڏو پيش ڪيو. پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ کي عدم است??ڪا?? جو شڪار ڪيو ??ڃي ٿو ته ان ملڪ جي معيشت، پرڏيهي لاڳاپن، پاليسي ۽ دفاع کي ڪمزور بڻايو ??ڃي ٿو ۽ عوام ۾ نااميدي پکيڙي وڃي ٿي، موجوده حڪومت جڏهن ذميواري??ن سنڀاليون ته ملڪي معيشت ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هئي. وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪن ۾ پنهنجي ساک ۽ دوست ملڪن جي تعا??ن سان ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو، جيڪڏهن خدا نه ڪري اسان ڏيوالپڻو ٿي وڃون ها ته اسان جي ڪرنسي جي قدر ڪري پوي ها، وينزويلا وٽ تيل جي ذخيرن جو ڪاٿو سعودي عرب، ايران ۽ ڪئناڊا کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ان جي باوجود ڪرنسي بي وقعت ٿيڻ سان اتي ماڻهو ٺيلهن تي پئسا کڻي خريداري ڪن ٿا، وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 20 ارب ڊالر کان گهٽ ڪري ان کي مثبت ڪيو ??يو، قرضن جي نظام کي بهتر بڻايو ??يو، معيشت جي ٻين رخن تي ڪم جاري آهي.