اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سياحت جي ش??بي جي ترقي ملڪي معيشت جي لاءِ لازمي آهي، سياحت جو شعبو ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته سياحت جو شعبو ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو، موجوده حڪومت سياحت جي ش??بي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جا تمام گهڻا م??قعا م??جود آهن، سياحت جي موقعن مان فائدو کڻي ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو.