اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته وائيٽ ڪالر ڪرائم ذريعي اسرندڙ ملڪن مان هر سال اربين ڊالر جي غيرقانوني منتقلي ڪئي وڃي ٿي، پاڪستان جي حڪومت ان جي تدارڪ جي لاءِ اندروني طور تي قدم کڻي رهي آهي، عالمي سطح تي ا?? سلسلي جي روڪٿام لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، مالياتي ڏوهه ڪندڙن کي ا??صافن جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي م??بوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم نيويارڪ ۾ عالمي م??لياتي احتساب ۽ شفافيت ۽ سالميت (ايف اي سي ٽي آءِ) جي حوالي سان اعليٰ سطحي پينل جي عبوري رپورٽ جي ا??تتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو.