اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي س??بن ۽ اثرن تي ضابطو آڻڻ ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي م??تقبل کي شديد خطرا لاڳو ٿيندا. اهو ئي وقت آهي ته دنيا اڳتي اچي ۽ گڏجي ان چئلينج جو مقابلو ڪري. موسمياتي تبديلي بابت چوٿين سالياني آسٽرين ورلڊ سمٽ جي مناسبت سان پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ کان 20 سال اڳ موسمياتي تبديلي جي م??املي کي سنجيده نه ورتو ويندو ??و پر اڄ دنيا ان کي هڪ حقيقت سمجهندي آهي، هن چيو ته گرمي پد ۾ غير معمولي اضافو، گليشيئرز جي پگهرجڻ جي رفتار ۾ تيزي، ٻيلن ۾ آتشزدگي ۽ سامونڊي طوفان معمول جا و??قعا بڻجندا پيا وڃن. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن عالمي برادري موسمياتي تبديلين جي م??ئلي تي ڌيان نه ڏنو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي م??تقبل کي شديد خطرا لاحق ٿيندا.