اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان زرعي ترقي، برآمدات ۾ اضافي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ جي تجويز ڪيل منصوبن کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ جي نوجوان نسل ۾ انتها??ي باصلاحيت آهي، ملڪ جي ترقي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي فروغ سان لاڳاپيل آهي، تجويز ڪيل منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جا??ي بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ سائنس اينڊ ٽيڪنالا??ي واري وزارت جي نون منصوبن جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.