لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري ملاقات ڪئي، ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي ڪارن ڪرتوتن تان پردو کڄي چڪو آهي، ثابت ٿيو ته منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽ کي شهباز شريف ??نه??جي ٻه نمبري جي لاءِ استعمال ڪيو، وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ڪرپشن جي ڪري مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ??نه??جي ملڪ کي به ريسڪيو ڪري رهي آهي پر مخالف ڌر کي ان سان به پريشاني ٿي آهي، مخالف ڌر جي قسمت ۾ روئڻ لکجي چڪو آهي، عوام انهن ٻ????وپ?? جي سياسي ڍونگ ۾ نه ايندي، اهي سڀ ??نه??جي سياست جي ٻڏل ٻيڙي کي بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام هاڻي باشعور ٿي چڪي آهي، اها ملڪ جو رت چوسيندڙن جي افراتفري تي ڌيان نه ڏيندي، انهن جون ر??يو?? رڳو ڦريل مال کي بچائڻ جي لاءِ آهن، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي قيادت سدائين ڦرلٽ کي اختيار ڪيو ۽ ملڪ کي نقصا?? پهچايو آهي.