اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا کي شگر انڪوائري رپورٽ جي سفارشن جي روشني ۾ مستقبل جي حڪمت عملي ۽ لاڳاپيل ادارن پاران وڌيڪ ڪارروائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران شگر انڪوائري جو مقصد انهن سببن ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ هو جن جي ڪري کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ عوام تي غيرضروري بار وڌو و??و. هن چيو ته انڪوائري جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ سمورين حقيقتن جي روشني ۾ نظام ۾ ??وج??د ڪوتاهين جي درستگي ۽ سڌارن جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو و??و ته انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ سامهون ايندڙ حقيقتن جو جائزو و??ڻ لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا مختلف رخن کان رپورٽ جو جائزو و??ندي ۽ ??وج??ده نظام بشمول ريگيوليٽرز جي موثر ڪردار جي حوالي سان ٺوس سڌارن جي لاءِ سفارشون جوڙيندي. وزيراعظم چيو ته انهن قدمن جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته مستقبل ۾ عوام کي استحصال ۽ غيرضروري قيمتن ۾ اضافي جي بار کان محفوظ رکي سگهجي. ڪابينا کي صوبن پاران ڪڻڪ جي خر??دا??ي جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي ۽ مستقبل ۾ طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.