اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو ته 40 سالن کان ا??غان عوام مسئلن جو شڪار آهي، 40 سالن کان پاڪستان ا??غان پناهگيرن لاءِ پنهنجا دروازا کليا رکيا آهن، پاڪستان پنهنجي اندروني مسئلن جي با??جود افغان پناهگيرن لاءِ سدائين مثبت ڪردار ادا ڪيو، افغان مسئلي جو سمورو حل افغان قي??دت جي مشاورت ۾ ئي لڪل آهي، افغانستان ۾ امن جي ذريعي لکين ا??سانن جون زندگيون تبديل ڪري سگهجن ٿيون، جنهن سان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي به مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾40 سالن کان رهندڙ افغان پناهگيرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.