اسلام ??باد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ٺاهڻ جي سفر ۾ قائداعظم جو ساٿ فاطمه جناح ڏنو، پاڪستان جي استحڪام لاءِ 72 سال لڳا، مشڪل ??ستن تي هلندي ڏکيو سفر طئي ڪري ورتو، هاڻي پاڪستان جي استحڪام ??ي سفر تي گامزن آهيون. هو عالمي اسلامي يونيورسٽي ۾ پنجاب جي عورتن جي ترقي بابت وزارت ۽ پاڪستان جو پيغام ??ينٽر فار پيس جي گڏيل تعاون سان ”پاڪستان جون ڌيئرون ويزن 2020ع“ مشاورتي اجلاس ک?? خطاب ڪري رهي هئي.