سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ سن??س ساٿين جي سياست کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عوام رد ڪيو آهي اهي چونڊيل حڪومت ??يرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، ٻان??ون کنجي عوام کي درس ڏيندڙ تبليغي ٽولي جي ڪرپشن جي حس??ب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي، مسيحا جو ويس بدلائي گهمندڙن جا ڪوڙا چهرا عوام جي سام??ون بي نقاب ٿيڻ وڃي رهيا آهن، سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام کانپوءِ عوام جي رليف جون ٿڌيون هوائون هلي رهيو آهن، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اهڙي طرح جي صورتحال ۾ جڏهن عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي ته اهڙي ماحول ۾ سياسي يتيمن جو ٽولو پنهنجو پاڻ کي سياسي محاذ تي زنده رکڻ لاءِ لطيفا ٻڌائيندو رهندو آهي.