گوادر – 27 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گوادر پهچي ويو. گوادر پهچڻ تي بلوچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم گوادر ?? ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر ۽ افتتاح ڪندو. انهن منصوبن ۾ 102 ڪلوميٽر بسيمه – خضدار روڊ، 55 ڪلوميٽر آواران – جهلجهائو روڊ، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ 132 ڪي وي جي پنجگور لائين بسيمه – نل ٽرانسميشن لائين سرفهرست آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر جي ضرورتمند مهاڻن ۾ ا??دادي چيڪ ورهائيندو. وزيراعظم گوادر يونيورسٽي جي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو. وزيراعظم انهن تقريبن ??ي خطاب پڻ ڪندو.