اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو آه?? ته توهان ملڪ ۾ دهشتگردي جا سهولتڪار آهيو، پاڪستاني معيشت جو قاتل ۽ مهانگائي جو ڏوهاري تقريرن سان ڪڏهن به مظلوم نه ٿو بڻجي سگ??ي. عمران خان جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جنهن اين آر او ڏيڻ تي مجبور ڪيو انهي کي تاحيات ايڪسٽينشن ڏيڻ جي آفر؟ توهان تسليم ڪري ورتو ته چيف آف ??رمي اسٽاف جي عهدي کي پنهنجي سياست جي ور چاڙهڻ چاهيندو هو.