ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن جي و??د سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري و??اقي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري و??اقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي واري و??اقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بو??ڊ واري و??اقي وزير سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وفد ۾ ابوظهبي ڊيولپمينٽ هولڊنگ ڪمپني (اي ڊي ڪيو) جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد حسن السويدي ۽ انٽرنيشنل هولڊنگز ڪمپني (آءِ ايڇ سي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد بصر شعيب ۽ ٻيا شامل هئا. وفد سان ڳال??ه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ملاقات دوران وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفد کي خوراڪ ۽ زراعت، هوابازي، بجلي، متبادل توانائي ??شمول شمسي توانائي، مالياتي خدمتن، صحت جي سارسنڀال، صنعت، لاجسٽڪس، ريئل اسٽ??ٽ جي شعبن ۾ پاڪستان جي جيو اڪنامڪ صلاحيتن تي بريفنگ ڏني وئي. محمد حسن السويدي اي ڊي ڪيو جي عالمي موجودگي کي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي ظاهر ڪئي. اي ڊي ڪيو وچ اوڀر جي خطي جي سڀ کان وڏي هولڊنگ ڪمپنين مان هڪ آهي جنهن وٽ ابوظهبي جي نان آئل معيشت جي اهم شعبن جو احاطو ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي متنوع پورٽ فوليو آهي.