اسلام آب??د – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي بليلي ۾ پوليو مهم دوران ڊيوٽي تي موجود پول??س جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ ڏينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ ٻار ۽ پوليس اهلڪار جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ٻار سدائي?? قيمتي قومي اثاثو ۽ مستقبل آهن، پاڪستان جي ٻارن کي پوليو جهڙي بيماري کان محفوظ رکڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. صدر چيو ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏينداسين. هن پوليو جي خاتمي لاءِ هيلٿ ورڪرز ۽ پول??س جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن زخمين جي جلد ??حت??ابي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.