اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. آئيس لينڊ ۾ گلوبل فورم ويمن ليڊرشپ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي برساتن سبب وڏي پئماني تي ٻوڏ ??ي ڪري ن??صا?? ٿيو جيڪو پاڪستان ۾ ان کان پهرين ڪڏهن ناهي ٿيو، ٻوڏ ??بب 3 ڪروڙ 30 لک (33 ملين) ماڻهو بي گهر ٿيا، جيڪو ڪيترن ئي ملڪن جي ڪل آبادي ک??ن وڌيڪ آهي. هن چيو ته متاثر ماڻهن ۾ تقريبن 6 لک 50 هزار ڳورهارين عورتن کي ويم بابت سهولتن جي ضرورت آهي. شازيه مري چيو ته کيس پاڪستان جي سڀ ک??ن وڌيڪ ڪامياب سماجي تحفظ واري پروگرام بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جو سربراهه هجڻ تي فخر آهي، پاڪستان جا تقريبن 80 لک خاندان بي آءِ ايس پي سان جڙيل آهن. اس??ن انهن خاندانن کي ڪيش رليف فراهم ڪري رهيا آهيون، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ذريعي عوام کي غذائيت ۽ تعليم جي ترغيب ڏيڻ جي ??وش?? ڪري رهيا آهيون.