اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشري ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ ۽ زهر وجهڻ افسوسناڪ آهي، گارگند ۽ بندوق سان قومون ناهن ٺهنديون، اعليٰ قدرن، تحمل ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ سان قومون ٺهنديون آهن، نوجوان نسل کي پنهنجي صلاحيتن کي پاڪستان کي ??ظيم تر ملڪ بڻائڻ جي لاءِ ??ستعمال ۾ آڻڻيون پونديون، اسان ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليمي پروگرامن تي اربين رپيا خرچ ڪيا، نوجوانن جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان لوڏا کائيندڙ معيشت کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو، پاڪستان وسيلن سان مالامال ملڪ آهي جڏهن ته 75 سالن ۾ ان مان فائدو نه کنيو ويو، منصوبن جي وقت سر مڪمل نه ٿيڻ سان قومي خزاني کي ??ربين رپين جو نقصان ٿيو. نوجوانن جي ترقي جا قدم شروع ڪرڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي ??طاب ڪندي وزيراعظم چيو ته منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير هي پروگرام شروع ڪري پاڪستان جي نوجوانن جي خدمت ٻيهر شروع ڪئي آهي، پاڪستان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ هن ملڪ جي نوجوانن جي لاءِ ??اندار پروگرام جوڙيا ويا، ميان نواز شريف جي سربراهي ۾ اهي پروگرام وڏي ڪاميابي سان پڄاڻي تائين پهتا، پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ به انهن پروگرامن ۾ شامل هو جنهن تحت 20 ارب رپين جا تعليمي وظيفا پوري پاڪستان جي هوشيار ٻارن ۽ ٻارڙين کي ڏنا ويا. هن چيو ته انهن ۾ اهڙا هزارين ٻار ۽ ٻارڙيون شامل هئا جيڪي ڪنهن سبب جي ڪري پنهنجي تعليم جاري نه رکي ??گهندا هئا، انهن مان اڪثر والدين جي ڇانوَ کان محروم هئا، انهن کي ??ن پروگرام تحت تعليم ۽ هنرمندي جي تعليم ڏني وئي. هن چيو ته ان پروگرام لکين خاندانن کي ??ااختيار بڻايو. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ ليپ ٽاپ پروگرام کي ??ڄ به ماڻهو ياد ڪن ٿا، ان دور ۾ ان پروگرام کي ??نقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ويو ته نوجوان نسل کي ??شوت ڏني پئي وڃي، اڄ ماضي ۾ جهاتي پايون ته ان سان لکين ٻار ۽ ٻارڙيون باعزت روزگار ڪمائي رهيا آهن، ان وقت منهنجو موقف هو ته انهن ٻارن کي ليپ ٽاپ بدران ڇا انهن جي هٿن ۾ بندوق ڏئي ڇڏيون. وزيراعظم چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اڄ اسان جي نوجوان نسل کي معاشري ۾ زهر گهولي ورڇ ڪيو پيو وڃي، هجڻ ته ائين گهرجي ها ته اسان جي ليپ ٽاپ پروگرام کان بهتر پروگرام کڻي اچن ها، انهن کي ٻارن کي ??عليٰ تعليم جي لاءِ ٻاهرئين موڪلين ها، اسان 600 ٻارن کي چيني زبان سکڻ جي لاءِ موڪليو، ترڪ زبان سکڻ جي لاءِ ٻارن کي ??رڪيء?? موڪليو، اهي ٻار هن وقت سي پيڪ ۾ ترجمي نگار طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته اسان ميرٽ تي ٻارن کي 74 هزار گاڏيون ڏنيون، ڏکڻ پنجاب جي لاءِ ??يور تعليم پروگرام شروع ڪيو جيڪو غربت جي ڪري تعليم کان محروم رهندڙ ٻارڙين جي لاءِ هو، هي اهي قدم هئا جيڪي هن ملڪ جي اندر تعليم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنج?? قوم جي ڌيئرن ۽ پٽن کي ??عليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيا هئا جنهن تي اربين رپيا خرچ ڪيا هئا ان جو معاشري، معيشت کي فائدو پهتو. هن چيو ته اڄ 40 هزار ٻارن کي ??نٽرنشپ ۽ اسرندڙ ضلعن مان 20 هزار انجنيئرز کي ??نٽرنشپ ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت لوڏا کائيندڙ معاشي ٻيڙي کي ٻڏڻ کان بچايو، ان جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پيون، الله ان ۾ ڪامياب ڪيو، ان کانپوءِ ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت پاڪستاني معيشت کي ??مام گهڻو نقصان پهچايو، هن وقت 66 ارب رپيا متاثرين ۾ 25 هزار رپيا في خاندان ڪيش جي صورت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورهايا پيا وڃن، اهي فنڊز وفاق ڏنا، ان کانسواءِ ??يمن، ڪمبل، دوائن، مهارين، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت اربين رپين جو امدادي سامان انهن متاثرين ۾ ورهايو، سردين جي لاءِ ونٽر ٽينٽ فراهم ڪيا پيا وڃن، اسان جي دوست ملڪن اسان سان ڀرپور تعاون ڪيو، آمريڪا، برطانيا، يورپي يونين سڀني تعاون ڪيو پر نقصان ايترو وڌيڪ آهي جو اڃا به تمام گهڻا فنڊز گهربل آهن، ان جي لاءِ وفاقي فنڊز استعمال ڪري رهيا آهيون، هن ملڪ کي ??لله وڏا وسيلا ڏنا آهن، اها بدقسمتي آهي ته 75 سالن ۾ انهن مان فائدو نه کنيو ويو. هن چيو ته احسن اقبال نوجوانن جي لاءِ وڌيڪ پروگرام کڻي اچن جي منصوبابندي ڪري، ماضي ۾ پنجاب ۾ شروع ڪيل ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم جي منصوبي جي طرز تي شاگردن جي لاءِ منصوبو ٺاهيو وڃي، ان ۾ پاڪستان جي بقاءَ ۽ ترقي جو راز آهي، ان پروگرام کي پوري پاڪستان تائين سگهه ڏيڻ ۽ تيزي سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ??ن جي فنڊنگ جي لاءِ وسيلن جو اهتمام ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو اسان جي ليپ ٽاپ پروگرام کي ??نقيد جو نشانو بڻائيندا هئا انهن نوجوانن جي لاءِ ڇا ڪيو، دانش اسڪول يتيمن جي لاءِ هڪ ڇتري آهي اهو ئ?? قومن کي ٺاهڻ جو طريقو آهي، گارگند ۽ بندوق سان قومون ناهن ٺهنديون، انهن ۾ اعليٰ قدرن، تحمل ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻو آهي نه ڪي ڏينهن رات چور ۽ ڌاڙيل جا الزام لڳائڻا آهن. هن چيو ته ڪنهن ثبوت کانسواءِ مائرن، ڀينرن کي ??دالتن ۾ گهيليو ويو، هاڻي اعليٰ عدليه اسان کي ??يليف ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻن سالن جي لاءِ لنڊن جي هڪ ايجنسي مان مني لانڊرنگ جي جاچ ڪرائي ويندي رهي. وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي هٿن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ليپ ٽاو ڏنا وڃن، انهن کي ??ءِ ٽي اسڪالر بڻايو وڃي تڏهن ه?? قوم ترقي ڪندي، جيڪڏهن ماصي ۾ اهو ڪم ٿئي ها ته ان کي ??اراهيون ها پر انهن هن قوم ۾ ايتري قدر ورڇ پيدا ڪري ڇڏي، چار سال اسان سان هٿ نه ملائيندڙ هاڻي اسان سان ڳالهه ٻولهه تي راضپو ظاهر ڪري رهيو آهي، اها ٻه رنگي نه هلندي، قومي مفاد کي ??سان کي ??امهون رکڻو آهي ۽ ان جي لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ ??يار آهيون، نواز شريف پاڪستان ۽ رياست کي ??چائڻ جي لاءِ پنهنجي سياست کي هڪ طرف رکيو، اسان پاڪستان جي لاءِ ڪروڙين بار پنهنجي سياست قربان ڪري سگهون ٿا، ماضي ۾ جيڪو طرزعمل اختيار ڪيو ويو اهڙي طرح قومون ناهن ٺهنديون. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان کي ??يڪي چئلينج درپيش آهن انهن کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي ان جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، هر چئلينج ۾ موقعا به هوندا آهن، پاڪستان افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن سان گڏوگڏ ريل جي ذريعي رابطو قائم ڪرڻ چاهي ٿو، ان تي تازو قزاخستان جي دور تي ڳالهه ٿي، ان جي لاءِ ??لله تعاليٰ وسيلا پيدا ڪندو. وزيراعظم چيو ته ويزن ۽ تڙپ نه هوندي ته سون به واريءَ بڻجي ويندو، ويزن ۽ تڙپ هجي ته واريءَ به سون بڻجي ويندي آهي، الله پاڪستان کي ڪيترائي خزانا ڏنا آهن، ريڪوڊڪ منصوبي کي ڏسي وٺو، ان سان هڪ رپئي جي آمدني نه ٿي پر اربين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير سان قومي خزاني جو زيان ٿئي ٿو، انهي لاءِ ه?? قوم ڪشڪول مان ڇوٽڪارو حاصل ناهي ڪري سگهي، پاڪستان کي ??ن جي پيرن تي بيهارڻ ۽ جنهن مقصد جي لاءِ وجود ۾ آيو هو اهو اسلامي دنيا ۽ ٻي دنيا ۾ ڪاميابين کي مڃرائڻ هو، پاڪستان جون قربانيون ڏيندڙ لکين روح تڙپ رهيا آهن ته هي اهو پاڪستان نه آهي جنهن جي لاءِ ??سان قربانيون ڏنيون. وزيراعظم پاڪستان?? قوم ۽ نوجوان نسل کي گذارش ڪئي ته قابليت خدا جي ڏنل صلاحيت آهي ان سان گڏ جيڪڏهن محنت شامل هجي ته ڪاميابي جي سفر کان ڪير نه ٿو روڪي سگهي، اسان پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جيڪو آسمان جي بلندين کي ڇُهي. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.