اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، پاڪستان برطانيا سان واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم سان برطانيا جي ڏکڻ ايشيا ۽ دولت مشترڪه واري ملڪتي وزير لارڊ طارق احمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻطرفو واپار 3.1 ارب پائونڊ تائين پهچي ويو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 16 لک پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ طارق احمد پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڪري انساني جانين جي زيان تي برطانوي حڪومت پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ بوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ برطانيا جي حمايت تي ان ج?? ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. لارڊ طارق احمد وزيراعظم کي ٻڌايو ته برطانوي عوام ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي ل??ءِ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تمام وڌيڪ مصروف آهن. پاڪستان ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن جي ل??ءِ برطانيا پاران وزيراعظم کي مسلسل مدد جي خاطري ڪرائيندي لارڊ طارق احمد پاڪستان جي ل??ءِ اضافي 10 ملين پائونڊ امداد جو اعلان ڪيو جنهن سان برطانيا جي ٻوڏ بابت امداد جي ڪل مقدار 26.5 ملين پائونڊ ٿي وئي. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين کان آگاهه ڪندي زور ڏئي چيو ته ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جو پ??امن حل ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي وارو امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ اهم آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن کي لاڳو ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي اصولي حمايت کي ورجايو. جنهن ۾ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ، ان جي استعمال جو خطرو، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام، تڪرارن جو حل ۽ سمورين رياستن جي ل??ءِ هڪ جهڙو تحفظ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دشمني جي فوري ??ات??ي جو مطالبو ۽ يوڪرين جي تڪرار کي جلد ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم برطانوي مملڪتي وزير ۽ ان جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو.