اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسم??ات?? تبديلين جو سبب بڻجن??ڙ ملڪ پاڪستان سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ سبب بي گهر ڪروڙين متاثرين جي ترجماني ڪئي آهي، ڪابينا جا ميمبر ڏک جي هن ??هڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻن، قوم کي جلد معلوم ٿي ويندو ته ڪير ٻوڏ متاثرين جي خدمت ۽ ڪير سياست ڪري رهيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن ??يو ته موسم??ات?? تبديلين جي ڪري ايندڙ تازي ٻوڏ ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي جڏهن ته عالمي سطح تي موسم??ات?? تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نه آهي، عالمي برادري کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري پاڪستان جي دوري جي موقعي تي اسان جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي، ڪنهن به ذميوار عهدو رکندڙ شخص ان ک??ن اڳ اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ڪيون، لاڙڪاڻي ۾ سيڪريٽري جنرل اسان جي ڪروڙين ماڻهن جو ترجمان بڻيو ۽ چيو ته خالي همدردي ۽ يڪجهتي جون ڳالهيون ڪافي نه آهن، عملي طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان سان جيڪا ناانصافي ٿي آهي ان جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهم عهدي تي رهندڙ شخص پار??ن اهڙيون ڳالهيون قابل غور آهن، هن ??کويل انسانيت ۽ پيڙهيل عوام جي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن ??يو ته ڪابينا جا ميمبر پنهنجي ڪم سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پڻ ڪم ڪن جيڪو به ڪم ڪن جيڪو به ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهي رهيو آهي ان کي پنهنجي ۽ ميمبرن پاران سلام پيش ڪريان ٿو ۽ جيڪي ان خير جي ڪم ۾ پنهنجو حصو نه وجهي رهيا آهن انهن ??ي گذارش آهي ته اهي اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهن. هن ??يو ته قوم کي چڱي ريت اها ڄاڻ ٿي چڪي آهي ته ڪير انهن جي ڏک درد ۾ مشڪل جي هن ??هڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ ڪير سير سپاٽا ڪري رهيو آهي. هن ??يو ته هڪ ٻن هفتن کانپوءِ پاڻي لهڻ کانپوءِ اميد آهي ته ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ٿي ويندا، سرندي وارن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ماڻهن ??ي خبر آهي ته هن وقت ملڪ جي صورتحال ڪهڙي آهي. هن ??يو ته ڪابينا جي ميمبرن پاران ڪوششن تي انهن جا ٿورا مڃان ٿو پر انهن ??ي گذارش آهي ته اهي وڌيڪ پنهنجو حصو وجهن، هي ڪم مشڪل ضرور آهي پر ان جو اجر به ملندو جيڪي ماڻهو ٻوڏ تي سياست ڪري رهيا آهن انهن ??ان عوام چڱي ريت آگاهه آهي، وقت ايندو ته عوام انهن ????ن ان جو حساب وٺندي ۽ جيڪو مشڪل جي هن ??هڙيءَ ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ان کي شاباس به ڏيندي.