اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ريڊيو ۽ پاڪستان جو جنم گڏ ٿيو. ريڊيو پياري پاڪستان جو آواز ۽ پاڪستانيت جي علامت آهي، ريڊيي معاشري ۾ اعتدال پسند روين جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ريڊيو جي ڪردار ۾ گهٽتائي سان معاشري ۾ انتهاپسد رويا وڌيا. اها ڳالهه هن ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي منعقد تق??يب ۾ ڳالهائيندي ڪئي. تق??يب ۾ ريڊيو پاڪستان جي سينيئر فنڪارن، صداڪارن، ليکڪن، شاعرن، موسيقارن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي خاص طور تي گهرايو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته ريڊيو پاڪستان جا سينيئر آرٽس اسان جو اثاثو آهن، اسان کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته سينيئر آرٽسٽن کانسواءِ اسان جون ڊائمنڊ جوبلي تق??يبون مڪمل نه ٿيون ٿين. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي ??زير مختلف ڪيٽيٽگريز ۾ چونڊجندڙ ماڻهن ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي ??زير سينيئر آرٽسن سان گڏجي پاڪستان جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. تق??يب ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ريڊيو پاڪستان تي هلندڙ قومي ترانن، قومي نغمن جون جهلڪيون ۽ خصوصي ??رفارمنس پڻ پيش ڪيون ويون. اطلاعات واري وفاقي ??زير ان موقعي تي ريڊيو پاڪستان جي انتظاميا ۽ سينيئر آرٽسٽن کي پاڪستان جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني. تق??يب ۾ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.