اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ حڪومت جي وقت سر قدمن ج?? ڪري هيضي جي وبا تي ضابطو آندو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب 3615 متاثرين ج?? مڪمل صحتيابي کانپوءِ اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن ج?? انگ 3 رهجي ويو. پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ گذريل ڏينهن هيضي جي وبا پکڙجڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي وبا تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ انتظام ڪيا ويا، ان ڏس ۾ وزيراعظم کي بلوچستان حڪومت پاران حتمي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ هيضي جي وبا جو ڦهلاءُ پٿر نالي جي قدرتي چشمي مان پاڻي جي استعمال سان ٿيو. وزيراعظم جي هدايت کانپوءِ پاڻي جي استعمال کي روڪڻ جي ل??ءِ انتظام ڪيا ويا جڏهن ته ان ج?? ڪلورينشن کانپوءِ ان کي پيئڻ کانسواءِ استعمال جي ل??ءِ کوليو ويو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم جي هدايتن ج?? روشني ۾ صوبائ?? حڪومت پاران فوري طور تي دوائن ج?? فراهمي ل??ءِ فنڊز فراهم ڪيا ويا، پيرڪوهه ۾ هنگامي بنيادن تي ٻه ميڊيڪل ڪئمپس ۽ بي ايڇ يو پيرڪوهه کي 20 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهڻ سان گڏوگڏ ڪوئيٽا مان 24 ڊاڪٽرن ۽ 32 پيراميڊيڪل اسٽاف جي عملي کي پيرڪوهه مقرر ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيرڪوهه ۽ ڊيره بگٽي ۾ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون ان کانسواءِ مقامي انتظاميا جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ گهر گهر آگاهي فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ ٽيمن ج?? جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ آپريشن ج?? نگراني جي ل??ءِ منشيات جي خاتمي وارو وزير نوابزاده شاهه بگٽي، چيف سيڪريٽري بلوچستان، صوبائي هيلٿ سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موقعي تي موجود رهيا، صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽ??ي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پليٿا پڻ ڊيره بگٽي جو دورو ڪيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صاف پاڻي جي فراهمي ل??ءِ فوري طور تي هڪ ڪروڙ رپين ج?? فراهمي ۽ پي ڊي ايم اي پاران 4000 گيلنز صاف پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ل??ءِ ٽينڪس فراهم ڪيا ويا. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي پيرڪوهه زينڪوهه ۾ واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن. متاثر ماڻهن کي فوري طور تي طبي امداد سان گڏوگڏ صاف پاڻي ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون ويون. رپورٽ موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران وبا تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ هڪ ايمبولينس، دوائون، ه?? 12 بسترن تي ٻڌل اسپتال فراهم ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ جي ل??ءِ گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي.