اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ مرڪزي پارلياماني ب??رڊ جو اجلاس هتي منعقد ٿيو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل مان جاري ب??ان موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي تحليل کانپوءِ ايندڙ چونڊن لاءِ اميدوارن جي تعين ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان مع??ملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صوبائي صدرن کي درخواستن جي وصولي جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف وفاقِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول ترين پارٽي آهي، تحريڪ انصاف جو ووٽ ??ئن?? نهايت تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪارڪن چونڊن جي تياري ڪن، هن چيو ته بهترين اميدوار ميدان ۾ لاهينداسين ۽ ڀرپور ??ريقي سان اقتدار ۾ واپس اينداسين.