اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران او آء?? سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آء?? سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات دوران چئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پ??ڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏيهي وزير چيو ته او آء?? سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد پاڪستان لاءِ هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان پنهنجي آزادي جو 75 هون سال ملهائي رهيا آهيون، پ??ڏيهي وزير وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تنظيمن جي سرگرمي جي باري ۾ سينئر عهديدارن جي اجلاس ۾ پيش ڪيل خصوصي رپورٽ کي ساراهيو ۽ چيو ته وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، وحشياڻي فوجي قبضي تحت انساني حقن جي صورتحال کي خراب ڪرڻ کانسواءِ ڀارت وا??ار??ل علائقي ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي تي لٿل آهي، شاهه محمود قر??شي گڏيل قومن ۾ اسل??مو فوبيا تي تازي قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪستان جي قدمن کي او آء?? سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن پاران مڪمل حمايت حاصل رهي. هن چيو ته اسل??مو فوبيا تي خصوصي ايلچي مقرر ڪرڻ سان اسل??مو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران، او آء?? سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي، اميد آهي ته افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ جي آپريشنل آغاز سان افغان عوام کي درپيش انساني چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. شاهه محمود قر??شي 19 ڊسمبر 2021ع تي او آء?? سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب اسان کي مناسب بجيٽ ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جي ذريعي ڪابل ۾ او آء?? سي جي موجودگي ۽ خصوصي ايلچي جي آفيس کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پ??ڪستان جي چيئرمين شپ دوران اسان او اء?? سي کي وڌيڪ متحرڪ بڻائڻ لاء?? سيڪريٽريٽ سان گڏ فعال طور تي رابطا هموار رکنداسين، اسان او آء?? سي چيئر جي طور تي پنهنجي مينڊيٽ کي پورو ڪرڻ لاء?? سيڪريٽريٽ جي مسلسل حمايت جا خواهشمند آهيون.