اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراع??م عمران خان سان بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ملاقات ڪئي. نيشنل گارڊ ڪمانڊر وزيراعظم کي بادشاهه، ولي عهد ۽ بحرين جي وزيراعظم پاران مبارڪباد وارو پيغام پهچايو. پاڪس??ان جي عوام ۽ حڪومت پاران بحرين جي قيادت لاءِ وزيراع??م عمران خان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته بحرين سا?? پاڪس??ان جا پراڻا لاڳاپا آهن جنهن جو?? پاڙون ايمان، قدرن ۽ هم آهنگي سان جڙيل آهن. وزيراعظم بهتر حصيداري قائم ڪرڻ لاءِ ٻنهي طرفن جي ڪوششن کي ساراهيندي گهري ۽ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ڪووڊ -19 جي خلاف بحرين جي ڪامياب ??دمن کي ساراهيندي وزيراع??م عمران خان ان وبا جي دوران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ان رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بحرين جي نيشنل گارڊ ڪمانڊر پاڪس??ان سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪندي پاڪس??ان پاران مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻئي ملڪ سدائين مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، هن اسلامي تعاون تنظيم جي راءِ تي پاڪس??ان پاران گڏيل قومن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي پيش ڪيل تاريخي قرارداد جي منظوري تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته هو جلد کان جلد بحرين جي بادشاهه، ولي عهد ۽ پنهنجي هم منصب جي پاڪس??ان جي دوري جو منتظر آهي، پاڪس??ان ۽ بحرين جي وچ ۾ روايتي، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ڊسمبر 2019ع ۾ وزيراع??م عمران خان جي بحرين جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا بلندي طرف گامزن آهن.