اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت سمال اينڊ ميڊيم سيڪٽر جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري ره?? آه??، ننڍي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏنا پيا وڃن، ڪاروبار ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ کاتن ۽ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ريگيوليشنز کي آسان بڻائينداسين، اسان جي ٽي سالا محنت ۽ پاليسين جا اثر نظر اچي ره??ا آه??، پاڪستان جو روانگي واپار هن وقت رڪارڊ سطح تي آه??، رڪارڊ ٽيڪس ڪليڪشن ٿي آه??، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آه??، چار اهم فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي آه??، مهانگائي جي لهر سڄي دنيا ۾ آئي آه??. نيشنل سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم اي) پاليسي 21 – 2020ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خسرو بختيار ۽ ان جي ٽيم کي ان پاليسي جاري ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن ايس ايم اي سيڪٽر جي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو آه??. وزيراعظم چيو ته حڪومت ايس ايم اي سيڪٽر کي اهميت ڏئي ره?? آه?? ۽ ان جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري ره?? آه??، اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت ان حوالي سان ڪم ناهي ڪيو، اهو سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪندڙ شعبو آه?? ۽ دولت جي پيداوار ۾ ان جو وڏو حصو آه?? پر ايترو نه جيترو هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اڳ ۾ ايس ايم ايز جي لاءِ قرض نه ملندا هئا، بئنڪ رڳو وڏن بزنس مينن کي قرض ڏينديون هيون پر هاڻي ننڍي ڪاروبار جي لاءِ پڻ قرض جاري ڪرڻ کي آسان بڻايو ويو آه??. وزيراعظم چيو تهآمريڪا م ٽيڪنالاجي جو انقلاب نوجوانن جي نئين آئيڊياز ۽ حڪومت پاران انهن جي سرپرستي جي ڪري مملڪن ٿيو، نوجوان وڏا وڏا خواب ڏسندا آه?? ۽ انهن ۾ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو به هوندو آه??، انهن ۾ جنون هوندو آه?? جيڪو وڏي عمر جي ماڻهن ۾ ناهي هوندو، نوجوان رسڪ کڻي سگهن ٿا، حڪومت ۽ ادارن کي انهن کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته نوجوان آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻو ڪم ڪري ره??ا آه??، اسان جي ملڪي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آه??، انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ئي ملڪ ترقي ??ري سگهي ٿو، انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته شهرن ۾ زمين مهانگي هوندي آه?? ۽ ننڍي بزنس مين وٽ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ پئسو ناهي هوندو، حڪومت هاڻي ان سلسلي ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪري ره?? آه??، آسان ليز تي ڪاروبار جي لاءِ پلاٽ ڏنا ويندا ۽ ربينُون ڪٽڻ جو خاتمو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت هو ته پاڪستان خطي ۾ تيزي سان اڳتي وڌندڙ ملڪ هو، ٻاهرئين دنيا ۾ اسان جي وڏي عزت هئي ۽ اسان کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي هئي ۽ دنيا اسان جي ترقي جو ماڊل ڏسڻ لاءِ ايندي هئي پر پوءِ اسان پنهنجو رستو وڃائي ويٺاسين ۽ غلط فيصلا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ اسان زوال جو شڪار ٿياسين، اسان جي بيوروڪريسي جنهن ۾ وڏي قابليت هئي ان ۾ ميرٽ جو خاتمو ٿي ويو ۽ اهي آفيسر جيڪي اڳ م سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندا هئا اهي رڪاوٽون وجهڻ لڳي ويا، اسان جي حڪومت فيصلو ڪيو آه?? ته جيڪو به کاتو ۽ آفيسر زراعت، صنعت ۽ خدمتن جي شعبي سميت ڪاروبار جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهندو ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته سنگاپور هڪ ننڍو ملڪ آه?? پر ان جو روانگي واپار اسان کان وڌيڪ آه??، ٻيا ملڪ جيڪي اسان کان ترقي ۾ تمام گهڻو پٺتي هئا هاڻي تمام اڳتي نڪري ويا آه??، اسان کي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرنيون آه??، ملڪ ۾ دولت جي پيداوار جي لاءِ سمال اينڊ ميڊيم انڊسٽريز تي ڀرپور ڌيان ڏينداسين، ريگيوليشنز جيڪا رستو روڪڻ جو ذريعو بڻجي وئي آه?? ان کي نرم ڪنداسين ۽ ننڍن سيڙپڪارن جي لاءِ خاص طور تي آسانيون ۽ سهولتون پيدا ڪنداسين، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي ان جو تمام گهڻو فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت کي ايترن چئلينجز کي منهن نه ڏيڻو پيو، اسان جي حڪومت آئي ته پاڪستان ڏيوالپڻ ٿيڻ جي ويجهو هو، دوست ملڪ مدد نه ڪن ها ته اسان ڏيوالپڻو ٿي وڃون ها ۽ پاڪستان هڪ بدترين صورتحال ۾ وٺجي وڃي ها، حڪومت جي معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ صورتحال بهتر ٿي پر پوءِ ڪوويڊ جهڙو بحران اچي ويو، سئو سالن ۾ اهڙو بحران هڪ ڀيرو اچي ٿو پر حڪومت نه رڳو پنهنجي ماڻهن پر معيشت کي به بچايو، اڄ پوري دنيا اسان جي متعرف آه?? ته اسان ڪوويڊ جي صورتحال کي بهترين طريقي سان منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، هاڻي بيهر هڪ نئين لهر اچي ره?? آه?? ان لاءِ اسان کي ايس او پيز تي پوري طرح ??مل ڪرڻو آه??. وزيراعظم چيو ته ڪوويڊ جي صورتحال سان گڏ ئي افغانستان ۾ صورتحال تبديل ٿي جنهن جي نتيجي ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي اچن سان شين جون قيمتون جيڪي پوري ۾ مهانگائي جي لهر جي ڪري بلند ٿي ويون هيون، انهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته انهن سمورين مشڪلاتن ۽ مسئلن جي باوجود اڄ پاڪستان جو روانگي واپار رڪارڊ سطح تي آه??، رڪارڊ پرڏيهي مٽاسٽا جو نانو آه??، رڪارڊ ٽيڪس ڪليڪشن آه??. وزيراعظم چيو ته مون حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ 8 هزار ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، 6 هزار ارب رپين جو هدف حاصل ڪري ورتو آه??، 8 هزار ارب رپين کان به وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪنداسين، ان جي لاءِ اسان آٽوميشن ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آڻي ره??ا آه??ون ڇو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻا ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين، رڳو 20 لک ٽيڪس ڏيندڙ آه??. وزيراعظم چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر رڪارڊ قرض ورتو آه??، حڪومت آبادگارن کي مراعتون ڏنيون آه?? جنهن جي نتيجي ۾ ڪڻڪ، ڪمند، مڪئي ۽ چانور جي رڪارڊ پيداوار ٿي آه??. وزيراعظم چيو ته رپئي تي پريشر ۽ دنيا ۾ ڪوويڊ جي صورتحال جي ڪري مهانگائي ٿي آه?? پر موٽرسائيڪل ۽ گاڏين جو رڪارڊ وڪرو به ٿيو آه??، پاڪستان ۾ موبائيل فون ٺهڻ شروع ٿي ويا آه??، مڃان ٿو ته مشڪل وقت آه?? پر ٽن سالن ۾ اسان تمام گهڻي محنت ڪئي آه?? جنهن جا اثر هاڻي سامهون اچي ره??ا آه??، ايندڙ وقت اسان جي پاليسين جا ثمر کڻي ايندو. ان کان اڳ وزيراعظم سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم اي) پاليسي جاري ڪئي ۽ ايس ايم ايز رجسٽريشن پورٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.