اسلام آب??د – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام مريءَ ۽ ٻين اترين علائقن جي سير جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مريءَ ?? بين اترين علائقن جي لاءِ عوام جو هڪ وڏو هجوم روان دوان آهي، لکين گاڏيون انهن علائقن طرف وڃي رهيون آهن، مقامي انتظاميا جي لاءِ ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهن ک?? سهولتون پهچائڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڃا گهرن ۾ آهن انهن کي درخواست آهي ته اترين علائقن جي سير جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏين.