اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل ق??من پاران اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي خصوصي اجلاس ۾ کنيل قدمن تي عمل ڪندي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد جي اپيل جي آجيان ڪئي آ??ي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل ق??من پاران جاري ڪيل خبر جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون عالمي برا??ري کا?? افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ امداد جي اپيل ڪري رهيو آهيان جتي ماڻهو 40 سالن جي تڪرارن جي ڪري شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، واضح ر??ي ته گڏيل قوم?? افغانستان لاءِ 2022ع ۾ پنج ارب ڊالر جي امداد جي اپيل ڪئي آ??ي جيڪا ڪنهن به هڪ ملڪ لاءِ انساني بحران روڪڻ لاءِ سڀ کان وڏي اپيل آهي، گڏيل ق??من پاران ٻڌايو ويو ته 4 ارب 40 ڪروڙ ڊالر افغانستان جي اندر جڏهن ته 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر افغانستان کان ٻاهر رهندڙن لاءِ گهربل آهن، افغانستان جي اڌ آبادي کي هن وقت بک کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.