اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نادرا (ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آرڊيننس آئين ج?? آرٽيڪل 89 تحت جاري ڪيو آهي، آرڊيننس سان نادرا آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 7 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميم?? آرڊيننس تحت سموري??ن ايجنسيون نادرا کي فورن ڊيٽا مهيا ڪرڻ جون پابند هونديون ۽ ڊيٽا مهيا نه ڪرڻ کي بي ضابطگي ت??ور ڪيو ويندو جڏهن ته لاڳاپيل قانو?? تحت ڪارروائي ٿيندي.