اسلام آباد – 05 – آڪ??وبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته گهٽ قيمت هائوسنگ م??صوبا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪومت قرضن جي فراهمي ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چي??رم??ن ليفٽيننٽ جنرل (ر) ان??ر علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن اٿارٽي تحت گهٽ قيمت هائوسنگ جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب پاڪستان تحت بئنڪن کان قرض وٺڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. وزيراعظم انهن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.