اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري عوامي جمهوريه چي?? جي 72 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پ??ڪستان کي چين سان پنهنجي سدا بهار منفرد دوستي ۽ اس??ريٽجڪ حصيداري تي فخر آهي.
ان موقعي تي قومي اس??مبلي جي اس??يڪر چيو ته عوامي جمهوريه چين جو 1949ع ۾ قيام هڪ تاريخي قدم هو جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۾ چي?? جي عوام جي اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو، چيني عوام جي ان جدوجهد سڄي دنيا ۾ عوام کي سامراجيت جي خلاف جدوجهد ڪرڻ ج?? حوصلو ڏنو، هن چيو ته چين 1949ع کانپوءِ زندگي جي هر شعبي ۾ واکاڻ ج??ڳيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هن چيو ته چين صرف 40 سال?? جي ٿوري عرصي ۾ غربت جي خاتمي، ٽيڪنالاجي، خلابازي، طب ۽ ٻين شعبن ۾ نين راهن کي روشناس ڪرايو، هن وڌيڪ چيو ته چي?? جي پيداوار ۾ تيز ترين اضافو، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي،
اس??يڪر چيو ته چي?? جي ترقي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي بي لوث قيادت ۽ چيني عوام جي اڻٿڪ محنت جي ڪري آهي. هن چيو ته پ??ڪستان ۽ چي?? جي دوستي ۽ گڏيل اعتماد، احترام، هم آهنگي ۽ گڏيل مفاد?? جي مضبوط بنيادن تي هموار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ دوستي جو رستو هر آزمائش تي پورو لٿو آهي ۽ ٻنهي دوست ملڪن علائقائي ۽ عالمي فارمز تي هڪ ٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.
ان موقعي تي ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري چيو ته پ??ڪستان کي چين سان پنهنجي لازوال دوستي تي فخر آهي جيڪا گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته پ??ڪستاني ۽ چيني قوم هڪٻئي جي لاءِ ڀائيچاري، همدردي ۽ محبت جو جذبو رکندي آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي،
هن چيو ته سي پيڪ جهڙي گيم چينجر منصوبي جي تڪميل سان خطي جي تقدير تبديل ٿي ويندي ۽ پاڪ چين لاڳاپا?? جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي، هن عالمي جمهوريه چي?? جي قيام جي 72 هين سالگرهه تي چيني عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪئي.