اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) حڪومت آبادگارن ۽ هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه?? جنهن تحت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هارين لاءِ خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آه??. وزيراعظم آفيس پاران ان حوالي سان جاري ڪيل هدايتن ۾ هارين جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي حڪومتن کي خصوصي حڪم جاري ڪيا ويا آه?? جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي هارين جي شڪايتن جي فوري حل لاءِ قدمن جو?? هدايتون ڪيون ويون آه??.
وزيراعظم عمران خان پاران جاري هدايتن ۾ چيو ويو آه?? ته سرڪاري آفيسر هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، ان حوالي سان وزيراعظم ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) سمورين صوبائي حڪومتن کي خط جاري ڪيو آه??، جنهن تحت هاڻي هاري پنهنجا مسئلا سڌو سنوان سٽيزن پورٽل تي ٻُڌائي سگهندا، وزيراعطم آفيس چيو آه?? ته پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ هاڻي آبادگارن ۽ هارين کي سرڪاري آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا،
وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سمورا چيف سيڪريٽريز هارين جي مسئلن جي حل تي آفيسرن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ جوڙين، خ?? ۾ ??مورنص وبن ۾ هارين جي مسئلن جي لاءِ 123 سرڪاري آفيسرن کي ذميداريون سونپيون ويون آه?? ۽ ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي 43 جڏهن ته پنجاب جي 57 آفيسرن کي ذميداري سونپي وئي اهي، سڄي ملڪ جا هاري هاڻي پي ايم پورٽل تي ڪارڊ، ڀاڻ، ٻج، پاڻي جي چوري، فصل، جنسن جي قيمتن تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا. ان کانسواءِ جيت مار دوائن ۽ ٻين 52 مسئلن جو ازالو به بروقت ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سان آبادگارن ۽ هارين جي آگاهي لاءِ ضلعي سطح تي خصوصي مهم به هلائي وڃي.