مهمند – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گئس ۽ بجلي جُون قيمتون نه وڌائڻ جو واضح اعلان ڪندي چيو آه?? ته اسان جي حڪومت ملڪي نظام ٺيڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، مشڪل وقت مان گذري آيا آهيون، هاڻي سٺ?? وقت ايندو، مهانگائي تي ضابطو آڻي ورتو آهي، ذخيره اندوزي ڪري پئسو ڪمائيندڙ کي نه ڇڏيندس، ڪجهه به ٿي وڃي بجلي گئس جي قيمت وڌڻ نه ڏينداسين پر گهٽ ڪنداسين، عوام ڪڏهن به اهڙي پارٽي کي ووٽ نه ڏي جنهن جا ٻاهرين ملڪن ۾ محلاتون ۽ اڪائونٽس هجن، سڄي جو سڄو ٽولو ٻاهر ويٺو آهي، چوري نه ڪندڙ کي لنڊن ڀڄڻ جي ضرورت ناهي هوندي، افغانستان سان واپار جي لاءِ سرحد کولي ويندي، افغانستان ۾ امن معاهدي جي ڪاميا??ي لاءِ دعاڳو آهيون. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن احساس ڪفالت پروگرام جي حوالي سان هتي منعقد عوامي ??لس?? کي خطاب ڪندي ڪيو.