اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ غلطيون ڪري جنگين جو حصو بڻياسين ۽ وڏو نقصان کنيو، پاڪس??ان هاڻي ڪنهن به جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو، اسان امن ڪرائيندڙ ملڪ بڻجنداسين، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به چيو آهي ته اسان آمريڪا ۽ ايران جي دوستي ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون جنگ ڪو به کٽي نٿو سگهي، نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، هنرمند نوجوان پروگرام تحت کين اعليٰ ??عل??م ۽ هنر فراهم ڪنداسين جنهن سان هو ملڪ کي سپر پاور بڻائي سگهن ٿا، مدرسن جي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اتي به فني سکيا سينٽر قائم ڪيا پ??ا وڃن، پاڪس??ان سڄي مسلمان دنيا لاءِ مثال بڻجندو ۽ قيادت ڪندو، ماضي ۾ اسان ڪنهن ٻي جي جنگ ۾ حصو بڻجي تمام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي پاڪس??ان ڪنهن جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ هي اهو ملڪ بڻجندو، جيڪو ملڪن جي اندر امن پيدا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنرمند پاڪس??ان پروگرام جي باقاعده آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو