اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن جي شرح ايشيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ڇاتي جي ڪينسر سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن جنهن جي روڪٿام اسان سڀني جي ذميداري آهي، اها ڳالهه بيگم ثمينه عارف علوي اسلام آب??د ويمن چيمبر جي اهتمام هيٺ ڇاتي جي ڪينسر جي بار?? ۾ ??گاهي سيمينار ک?? خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته حڪومت ان مرض جي جلد سڃاڻپ لاءِ ڪوشان آهي ته جيئن عورتن جي جان بچ??ئي سگهجي ڇو ته بروقت مرض جو علم هجڻ سان مريض جي بچڻ جا امڪان 80 سيڪڙو تائين هوندا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ ساليانو 90 هزار جي لڳ ڀڳ ڪيس رپورٽ ٿي ر??يا آهن جڏهن ته 40 کان 45 هزار موت ٿيندا آهن جنهن ۾ اڪثريت کي بچ??ئي سگهجي ٿو جنهن لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ذميداري ادا ڪرڻي پوندي.