واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز، بائيڊن انتظاميه طرفان اسرائيل کي 10.1 بلين ڊالرن جي فوجي امداد فراهم ڪرڻ جي تجويزن جي مخالفت جو اعلان ڪري ڇڏيو. الجزيره مطابق سينيٽر سينيٽ اجلاس دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسرائيلي وزيراعظم بنجن نيتن ياهو جي حڪومت فلسطينين خلاف جيڪي ڪا??روائيون ڪري رهي آهي اها غير اخلاقي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن، ان لاءِ آمريڪا کي ان ڪا??رواين ۾ اسرائيل جو ساٿ نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته آمريڪا طرفان اسرائيل کي فضائي دفاع جي جديد ترين نظام آئرن ڊوم ۽ ڊيوڊز سلنگ ڊفينس سسٽم جي فراهمي سان گڏوگڏ ان جي فوجي هٿ??ار?? جي ذخيرن کي ٻيهر گڏ ڪرڻ سان اسرائيلي وزيراعظم جي حڪومت جي موجوده جارحاڻي فوجي ڪا??رواين جي حڪمت عملي جاري رکڻ ۾ مدد ملندي.