اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي ملڪن سريلنڪا، مالديپ، نيپال، ڀوٽان ۽ بنگلاديش سان پاڪستان جي لاڳاپن ۾ هلندڙ سال مثبت اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، پاڪستان انهن ملڪن سان موجوده گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ان ڏس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اهم گهڻ رخي تقريب?? ۽ ??انفرنس جي موقعي تي بنگلاديش، سريلنڪا ۽ مالديپ جي پرڏيهي وزيرن سان اهم ملاقاتون ڪي??ن. ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ سال دوران ڏکڻ ايشيا ۾ پرامن پاڙيسريت جي پاليسي کي جاري رکيو جنهن جو بنياد گڏيل احترام، خودمختياري، برابري ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان ڄمو?? ۽ ??شمير جي بنيادي ت??را?? سميت سمورن حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت سان تعميري مشغوليت ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه جي وڪالت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت تي اهو به زور ڏنو ته هو ام?? ۽ ??الهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي ڇو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ڀارتي قدمن ٻطرفي ماحول کي خراب ڪي?? آهي ۽ امن ۽ تعاون جي امڪانن کي متاثر ڪي?? آهي. هن چيو ته ٻطرفن لاڳاپن ۾ مشڪلاتن جي باوجود، علائقائي امن جي مفاد ۾ لائين آف ڪنٽرول تي 2003ع جي سيز فائر مفاهمت جو فيبروري 2021ع ۾ ورجاءُ ڪي?? ويو. ترجمان چيو ته ڌرين ڪرتارپور لنگهه معاهدي جي وڌ??ڪ 5 سالن جي لاءِ تجديد پڻ ڪئي، 1974ع جي ٻطرفي پروٽوڪول تحت هزارين ڀارتي زائرين جي پاڪستان ۾ مختلف عبادتگاهن جي دورن جو پڻ اهتمام ڪي?? ويو. هن چيو ته پاڪستان پاڪستان جي سرزمين تي علائقي کان مٿانهون ۽ عدالت کان مٿانهون قتل جي ڀارتي مهم تي پڻ پنهنجي شديد خدشن جو اظهار ڪي??. ترجمان چيو ته ڀارت جي خلاف ٺوس ثبوتن جا تفصيل هن سال جنوري ۾ منظرعام تي آندا ويا.