اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ ڪينيا واپاري ناتن کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪالهه وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته پا??ست??ن اوڀر آفريقي ملڪن ۽ وچ ايش??ائ?? رياستن وچ ۾ واپاري پُل بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪينيا ۽ پا??ست??ن وچ ۾ زراعت، دوا سازي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. پا??ست??ن ڪينيا سان چانهه جو وڏو امپورٽ ڪندڙ آهي. وفاقي وزير ان موقعي تي ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر کي ٻُڌايو ته ڪينيا پا??ست??ن جي همال??ائ?? گلابي لوڻ، ماربل ?? سيمنٽ جي موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن اوڀر آفريقا سان آزاد واپاري معاهدي تي ڪم تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ پا??ست??ن ۾ اوڀر آفريقي واپار تي خصوصي ڪانفرنس جي به تجويز ڏني. واپار واري وفاقي وزير ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر کي سيالڪوٽ ۽ گوجرانوالا جي صنعتي دؤري جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر پا??ست??ن جي فعال ڪردار تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وچ ايشيا ۽ اوڀر آفريقا ۽ پا??ست??ن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ضروري آهي. پا??ست??ني نجي ڪمپنيون پاور سيڪٽر ۾ ڪينيا لاءِ موقعا فراهم ڪري سگهن ٿيون. ملاقات ۾ ڪينيا جي ميگا پراجيڪٽس لاءِ سيمنٽ ۽ اسٽيل جي فراهميءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته پا??ست??ن طر??ان ڪينيا سان ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سٺو سنوڻ آهي. ملاقات ۾ پا??ست??ن ۽ ڪينيا وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.